رياض/واشنگٽن-19 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي ۽ سعودي پرڏي??ي وزيرن غزه ۾ خطرناڪ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جاري ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون. انڊيپنڊن?? اردو مطابق آمريڪي پرڏي??ي وزير انٽونڪي بلنڪن پنهنجي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفونڪ رابطي ۾ غزه جي صورتحال ۽ اتي خطرناڪ انساني بحرانن کي مُڻهن ڏيڻ جي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون. سعودي عرب جي پرڏي??ي وزارت طرفان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن جي ڳالهه ٻولهه ۾ غزه ۽ ان جي ڀرپاسي جي صورتحال کان علاوه گڏيل دلچسپي جا معاملا غور هيٺ آيا. هوڏانهن آمريڪي پرڏي??ي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انٽوني بلنڪن سعودي هم منصب سان ڳالهائيندي غزه ۾ بنيادي انساني ضرورتن جي فراهميءَ کان علاوه ان جنگ کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪي عزم جو اظهار، جڏهن ته احمر سمنڊ جي عالمي سامونڊي حدن ۾ واپاري جهازن تي حوثين جي لڳاتار حملن جي مذمت ۽ـ سمورن شراڪتدارن وچ ۾ سامونڊي سلامتيءَ لاءِ سهڪار تي زور ڀريو. واضح رهي ته سعودي پرڏي??ي وزير هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ چيو هو ته غزه ۾ ويڙهه جو فوري خاتمو ٿيڻ گهرجي ۽ اهو ته سڄي دنيا جون حڪومتون غزه ۾ جنگبنديءَ کي ترجيح ناهن ڏئي رهيون. ان کان علاوه گڏيل قومن ۾ غزه ۾ انساني بنيادن تي فوري طور جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو پر آمريڪا ۽ـ اسرائيل طرفان ان جي مخالفت ڪئي وئي.
آمريڪي ۽ سعودي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه، غزه ۾ خطرناڪ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڳالهيون
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ