تل اب??ب-19 آڪٽوبر (اي پي پي) برطانوي وزيراعظم رشي سونگ حماس سان جاري جنگ ۾ اسرائيل سن يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪالهه تل اب??ب پهتو. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هن 7 آڪٽوبر تي حماس طرفان اسرائيل خلاف ڪيل ڪارروائي کي دهشتگردي جو خوفناڪ قدم قرار ڏيندي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ اسرائيل سان ??ڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن عالمي قانونن موجب اسرائيل جي پنهنجي دفاعي حق جي پرزور حمايت ڪئي، بعد ۾ اسرائيلي صدر آئيزڪ هرزوگ سان ??لاقات ۾ هن غزه ۾ موجود عام فلسطينين لاءِ ??نساني همدردي جي بنياد تي فوري امداد جي اهميت سان به پڻ اتفاق ڪيو. هن اسرائيلي عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو حماس کان خوفناڪ دهشتگردي جو نشانو بڻجڻ تي پنهنجي ۽ برطانوي عوام طرفان انهن سان ??ڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. اسرائيل پهچڻ کانپوءِ برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ اهم اسرائيلي اڳواڻن سان ??لاقاتون ڪيون، هن حماس طرفان ??رغمال بڻايل اسرائيلن جي ڪٽنبن سان ??ڻ ملاقات ڪئي ۽ انهن سان ??مدردي جو اظهار ڪيو.
برطانوي وزيراعظم حماس سان جاري جنگ ۾ اسرائيل سان يڪجهتي لاءِ تل ابيب پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania