اسلام آ??اد – 25 م??ي (ا?? پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف يوم تڪريم شهدا جي سلسلي ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري. هن گوجر خان ۾ ڪيپٽن راجا محمد سرور شهيد (نشان حيدر) جي مزار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته شهيد جو جيڪو موت آهي اها قوم جي حيات آهي. هن چيو ته 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن کي تاريخ ۾ ڪاري باب طور ياد رکيو ويندو، اڄ اسان جي آ??اد ماحول ۾ زندگي گذارڻ جي پويان لکين شهيدن جون قربانيون شامل آهن، پوري قوم پنهنجي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. اسپيڪر چيو ته 9 مئي جي واقعن جي پويان ناپاڪ مقصد هئا، ??نه?? واقعن ۾ ملوث ڪردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هن چيو ته قوم جي بهادر سپوتن جي عظيم قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهي، اسان جي سرزمين شهيدن ۽ غازين جي سرزمين آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاران يوم تڪريم شهدا جي سلسلي ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج