باغ -22 مئي (اي پي پي) ڪشمير ۽ ??لگ?? بلتستان بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائره چيو آهي، ته ڀارت جي20 ڪانفرنس جو هڪ حصو سرينگر منتقل ڪري حقيقتن کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي. والاريل ڪشمير کليل جيل وانگر آهي، مودي حڪومت ڪوڙ تي ٻڌل منظرنامي ۽ ڪوڙو ڊرامو ڪري والاريل ڪشمير جي عوام جا حوصلا پست ڪرڻ چاهي ٿي، پر ڪشميرين جو آزادي وا??و جذبو قائم ۽ دائم آهي، پوري پاڪستاني قوم والاريل ڪشمير جي عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي ان سان گڏ بيٺل آهي. جي20 اجلاس جي روشني ۾ باغ جي دوري جي موقعي تي اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي قمر الزمان ڪائره چيو ته ڪشميرين سان گڏيل قومن ذريعي حق خوداراديت ڏيڻ جو وا??دو ڪيو ويو آهي، ڀارت جي وزيراعظم پنڊت جواهر لعل نهرو به ڪشميرين سان اهو ئي وا??دو ڪيو هو. گڏيل ق??مو?? ۽ سڄي دنيا درپيش مختلف معاملن تي جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪري ان کي حل ڪرائي ٿي. جڏهن ته گڏيل قومن جو ڪشميرين سان ڪيل پراڻو وا??دو اڃا تائين وفا نه ٿيو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت مختلف دورن ۾ مظلوم ڪشميرين خ??اف مختلف حربا استعمال ڪندي رهي آهي. ڀارت ڪشميرين خ??اف ظلم ۽ ڏاڍ، تشدد ۽ قانوني ڪارروائين سميت ٻيا حربا استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن ذريعي هو ڪشميرين جي سڃاڻپ ۽ انهن جي جذبن کي دٻائڻ چاهي ٿو. ڀارت ان ۾ نه ڪڏهن ڪامياب ٿيو آهي ۽ نه ئي ٿيندو.
سرينگر ۾ جي20 اجلاس حقيقتن کي لڪائڻ جي ڀارتي ناڪام ڪوشش آهي: قمر الزمان ڪائره
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم