اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ناليواري دانشور استاد، ڊراما نگار ۽ شاعر فيض احمد فيض جي ناٺيءَ شعيب هاشمي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته شعيب هاشمي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿ??و، مرحوم پي ٽي وي جي شروعاتي دور جي پروگرامن جو خالق هو. شعيب هاشمي جا پي ٽي وي پروگرام اڪڙ بڪڙ، سچ گپ، ٽال مٽول تمام گهڻا مشهور ٿيا. مرحوم جي تدريس جي شعبي سميت شوبز انڊسٽري جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي ??عا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي همت ۽ حوصلو عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena