اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو ??رداري مسلمان امت ۾ اتحاد ۽ خطي ۾ استحڪام جي حوالي سان سعودي عرب جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي کي ساراهيندي چيو آهي ته سوڊان مان پاڪستانين کي ڪڍڻ ۾ مدد لاءِ سعودي عرب جي حڪومت جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو ??رداري اهڙن خيالن جو اظهار سعودي پرڏيهي وزير فيصل جان فرحان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو ??رداري پنهنجي سعودي هم منصب فيصل بن فرحان کي عيد جون مبارڪون ڏنيون. سعودي پرڏيهي وزير سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو ??رداري خادم الحرمين شريفين سلمان بن عبدلعزيز، ولي عهد محمد بن سلمان ۽ سعودي عرب جي عوام لاءِ پڻ مبارڪباد ??و پيغام پهچايو. هن سوڊان مان پاڪستانين جي واپسي ۾ مدد لاءِ سعودي عرب جي حڪومت جي ڪردار جي ساراهه ڪئي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر