اسلام آباد – 28 – مارچ (??ي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انضمام ٿيل فاٽا ضلعن جي لاءِ فوري طور تي ترقياتي فنڊز جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته لاڳاپيل اسڪيمن جي لاءِ فنڊز جي منظوري اي سي سي ۽ ٻين فورمن کان جلد ڪرائي وڃي، حڪومت انضمام ٿيل فاٽا ضلعن جي ترجيحي بنيادن تي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن انضمام ٿيل فاٽا ضلعن جي قومي ا??يمبلي ميمبرن جي 5 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، سمنڊ پار پاڪستانين وارو وفاقي وزير ساجد حسين طوري، قومي ا??يمبلي ميمبر مولانا جمال الدين، علي وزير، محسن داوڙ کانسواءِ وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ سردار اياز صادق پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته حڪومت سڄي ملڪ جي معاشي طور تي ڪمزور علائقن جي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وفد وزيراعظم کي لاڳاپ??ل تڪن جي مسئلن ۽ جاري ترقياتي منصوبن بابت آگاهه ڪيو.
وزيراعظم پاران انضمام ٿيل فاٽا ضلعن لاءِ فوري طور تي ترقياتي فنڊز جاري ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada