اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ۽ ٻين علائقن ۾ دهشتگردن جي ڪاررواين جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي ذريعي پاڪستان ۾ افراتفري پکيڙڻ جي ڪڌي ڪوشش کي سختي سان منهن ڏينداسين، دهشتگردي جو مسئلو قومي سلامتي جو حساس معاملو آهي، گڏيل سوچ ۽ حڪمت عمل?? جي ضرورت آهي. وزراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته رياست ڪنهن به دهشتگرد گروهه يا تنظيم آڏو نه جهڪ??دي?? دهشتگردن کي آئين ۽ قانون موجب منهن ڏنو ويندو. وفاقي حڪومت دهشتگردن جي ٻاهرئين سهولتڪاري ۽ پناهگاهن جو خاتمو به ڪ??دي?? پوري قوم دل??ر فوج سان گڏ دهشتگردي جو خاتمو ڪري رهندي. وزراعظم دهشتگرد?? جي خلاف ڪم ڪندڙ فورسز جي جذبي ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتياب?? جي دعا ۽ علاج جي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته شهيدن جون قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، رد الفساد ۽ ضرب عضب دهشتگرد?? جي خاتمي لاءِ اهم قدم هئا. هٿياربند فوج، پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن جون عظيم قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. امن امان جي بنيادي ذميواري صوبن جي آهي پر وفاق ان سنگين مسئلن تي اکيون بند نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد?? جي مقابلي لاءِ صوبن سان گڏجي ڪم ڪنداسين. دهشتگرد?? جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد ڪرائينداسين. صوبائي حڪومت جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ اضافو دهشتگرد?? جي خاتمي ۾ اهم آهي. وزيراعظم چيو ته وفاق صوبن ۾ دهشتگرد?? جي خاتمي واري فورس ۽ ڊپارٽمينٽ جي پيشوراڻي صلاحيت بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪندو. خيبرپختونخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي نئين سر جوڙجڪ تي ڪم ڪنداسين. پنهنجي فورسز جون سموريون ضرورتون پوريون ڪنداسين، جديد هٿيارن جي فراهمي ۽ پيشيواراڻي تربيت تي ڌيان ڏنو ويندو.
دهشتگردي ذريعي پاڪستان ۾ افراتفري پکيڙڻ جي ڪڌي ڪوشش کي سختي سان منهن ڏينداسين، دهشتگردي جو مسئلو قومي سلامتي جو حساس معاملو آهي، گڏيل سوچ ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2