اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ واپاري ۽ س??ڙپ??اري لاڳاپا مضبوط بڻائڻ، وڌيڪ فرانسيسي ڪمپنين ۽ س??ڙپ??اري پاڪستان ۾ راغب ڪرڻ جي ض??ورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آءِ ٽي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جا وڌيڪ موقعا ڳولڻا پوندا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ موجوده تعاون تيز ڪرڻ جي وڏي صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فرانس ۾ پاڪستان جي نامزد سفير عاصم افتخار احمد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. صدر فرانس سان ٻط??فو واپار وڌائڻ جي ض??ورت تي زور ڏنو. هن چيو ته 1.8 ارب ڊالر جو ٻط??فو واپاري ڪاٿو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري امڪانن جي نسبت تمام گهٽ آهي. صدر سمورن ٻط??في فورمن جا اجلاس باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي ض??ورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته آءِ ٽي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ موقعا ڳولڻا پوندا. صدر پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون پاران امداد جي اعلان کي ساراهيو. هن چيو ته نامزد سفير گڏيل اقتصادي ڪميشن جو افتتاحي اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪرڻ جي لاءِ فرانس سان گڏجي ڪم ڪري، گڏيل اقتصادي ڪميشن ٻط??في اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو. صدر عارف علوي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ س??ڙپ??اري لاڳاپا مضبوط بڻائڻ، وڌيڪ فرانسيسي ڪمپنين ۽ س??ڙپ??اري پاڪستان راغب ڪرڻ جي ض??ورت آهي. هن چيو ته فرانس يورپ ۾ پاڪستان جو اهم حصيدار آهي، ٻئي ملڪ گهڻ رخا لاڳاپا رکندڙ آهن، ٻنهي ملڪن ۾ سياسي، واپاري ۽ اقتصادي، دفاع، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون موجود آهي. صدر فيشن ڊيزائن، اعليٰ ترين فيشن مصنوعات، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ فرانس جي تجربي مان سکڻ جي ض??ورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ موجوده تعاون تيز ڪرڻ جي وڏي صلاحيت موجود آهي.
پاڪستان ۽ فرانس ۾ آءِ ٽي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جا وڌيڪ موقعا ڳولڻا پوندا: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات