اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان کي اين آر او نه ملندو، ڌمڪي ۽ ڊڪٽيشن ڏيندا ته انهن سان ڳالهيون نه ٿينديون، عمران خان سئو سال به تياري ڪري وٺي عوام کيس رد ڪري چڪي آهي، موجوده حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، چُونڊُون آگسٽ 2023ع ۾ ٿينديون، عمران خان ان وقت ت??ئي?? انتظار ڪري، عمران خان جي ڪنهن به بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين، عمران خان جي ذهني حالت ڳڻتي ??وڳي آهي، هو سڪون جي گوري کائي بني گالا ۾ آرام ڪري، پاڪستان جي عوام کي به سڪون ۾ رهڻ ڏي ۽ اسان کي به سڪون سان پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪرڻ ڏي.
پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان تي ??ڏهن سڪون جي گوري جو اثر ختم ٿيندو آهي ته هو وري ٽي وي اس??رين تي نمودار ٿيندو آهي، کيس مشورو آهي ته ذهني حالت ۾ کيس اس??رين تي نه اچڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن چار سال عمران خان پنهنجو منهن بند رکي ها، پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪري ها ته اڄ کيس پنهنجي ناڪامي جو ماتم نه ڪرڻو پئي ها، چار سالن ت??ئي?? هو اقتدار ۾ هو، هو عوام کي رليف ڏئي سگهيو پئي، اڄ عوام ان کان پڇي ٿي ته هن چئن سالن ۾ عوام لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي جو توهان اڄ وري اقتدار چاهيو ٿا. هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته جيڪڏهن کيس ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه ملي ته هو ٻيهر اليڪشن ڪر??ئي??دو، ڇو؟ توهان کي عوام رد ڪري چڪي آهي، توهان عوام کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر نه ڏئي سگهيا، ملڪ مان ڪرپشن ختم نه ڪري سگهيا، نه ڪو رستو، اسپتال يا يونيورسٽي ٺاهي، نه ملڪ کي مديني جي رياست ٺاهي، ته توهان کي ٻيهر اقتدار ڇو گهرجي، ڇو پاڪستان جي عوام توهان تي هڪ دفعو ٻيهر اعتبار ڪري؟ وفاقي وزير چيو ته عمران خان ماڊل ٽائون فيصلي ۾ ڪو ابهام يا اعتراض هو ته هو چار سال وزيراعظم هو، بزدار صاحب پنجاب جو وڏو وزير هو، ڇو ان شيءَ کي ڇڏي ڏنو ۽ اڄ توهان پنهنجي ناڪامي جو ماتم ڪرڻ ٽي وي تي ??چي ويندا آهيو، هن چيو ته عمران خان پرامن ڪال جو اعلان ڪيو هو ته پوءِ هٿيار ۽ ڏنڊا ڇو جمع ڪيا، ڇو تشدد ڪيو ويو، ان جي احتجاج ۾ هڪ پوليس ڪانسٽيبل شهيد ٿيو جنهن جا پنج ٻار هئا.
مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جي 2014ع جو ڌرڻو عوام کي ياد آهي جڏهن پوليس وارن جا مٿا ڦاڙيا ويا، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته عمران خان ايڇ نائن اچي جلسو ڪري پر هي ايترا ناڪام هئا جو ايڇ نائن گرائونڊ ۾ هڪ جلسي ت??ئي?? نه ڪري سگهيا. هن چيو ته اسان چار سالن ت??ئي?? عمران خان جي بدبودار احتساب ۽ سياسي انتقام کي منهن ڏنو، پي ڊي ايم تحت ۽ پارٽي جي سطح تي ??ه اسان جلسا ڪيا ۽ ريليون ڪڍيون پر ڪڏهن ڪنهن جي نقصان نه پهچايو، هڪ ڪونڊي ت??ئي?? نه ٽٽو، هن چيو ته عمران خان 2014ع ۾ پي ٽي وي تي ??ملو ڪيو، پارليامينٽ تي ??ملو ڪيو، پوليس وارن جا مٿا ڦاڙيا، سول نافرماني جون تحريڪون هلايون، هن پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي ??ملي جون مبارڪون به ڏنيون، ان وقت جي چونڊيل وزيراعظم کي گهلڻ جا اعلان ڪيا، عوام ڪيئن ان جي ڳالهين کي وساري ڇڏي. هن چيو ته عمران خان خوني مارچ جو اعلان ڪيو، جڏهن سپريم ڪورت جو فيصلو آيو ته هن ميٽرو بس اسٽيشن ساڙيون، وڻن کي باهه لڳائي، ڊي چوڪ تي ٽائر ساڙيا، هن چيو ته سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو، هٿيار جمع ڪري احتجاج ڪرڻ، گوليون ۽ ڏنڊا جمع ڪري احتجاج جو سڏ ڏيڻ ڪو جمهوري حق نه آهي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي ماڻهن کي رستن تي ??مع ڪيو ۽ پاڻ هيليڪاپٽر ۾ گهمندو رهيو، خيبرپختونخوا جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي 35، 35 لک روپيا ڏنا پر اهي 35 هزار ماڻهو گڏ نه ڪري سگهيا. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان چوي ٿو ته سندس تياري نه هئي، جيڪڏهن سندس تياري نه هئي ته هو ڇا ڪرڻ آيو هو، ان جي تياري هٿيار جمع ڪرڻ هئي، هن چيو ته عمران خان اڄ عدليه تي ??ٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ميڊيا ان جي خلاف ڳالهائي ته ميڊيا جي خلاف ٿي ويندو آهي. هن چيو ته جڏهن توهان رياست تي ??ملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچ??ئي??دا ته ان جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته عمران خان هاڻي سئو سال به تياري ڪري وٺي، سئو سال منٿون ڪري وٺي، ڪوڙ ڳالهائي، پاڪستان جي عوام ان سان گڏ نه آهي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان چار سال حڪومت ڪئي ۽ ناڪام ٿيو، هن چار سالن ت??ئي?? ڪوڙ ڳالهايو، سياسي مخالفن تي ??لزام لڳايا پر ڪو الزام ثابت نه ڪري سگهيو، هاڻي هو پنهنجي ناڪامين تي ماتم ڪري رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان 20 لک ماڻهو آڻڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر هو 20 هزار ماڻهو به نه آڻي سگهيو. هن چيو ته عمران خان کي بي اعتمادي رٿ جي ذريعي جمهوري طريقي سان پارليامينٽ کان ٻاهر ڪيو ويو، پارليامينٽ ۽ عوام کيس رد ڪري چڪي آهي، هن چيو ته عمران خان ميڊيا هائوسز تي ??ملا ڪرايا، جيو نيوز جي عمارت تي ??ندس احتجاج دوران پٿراءُ ڪيو ويو، سما نيوز جي رپورٽر تي ??ملو ٿيو، ميڊيا وينز کي نقصان پهچايو ويو، جنهن جي شديد مذمت ڪريان ٿي. هن چيو ته عمران خان ذهني مريض ۽ منافق ماڻهو آهي، هو آئين، پارليامينٽ، ميڊيا، عدليه ۽ ادارن تي ??ملا آور آهي، انا، تڪبر ۽ ضد ايترو آهي جو هو چاهي ٿو ته ان جو هر ضد پوري ٿئي پر ??ئي?? نه ٿيندو،
هن چيو ته پاڪستان جي عوام ترقي چاهي ٿي، سڪون چاهي ٿي، هن چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائي وقت ضايع ڪيو، سياسي انتقام ۾ وقت ضايع ڪيو، پاڪستان جي عوام جو وقت ضايع ڪيو، هاڻي اهو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي، وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي اين آر او نه ملندو، ان سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن. هن چيو ته عمران خان بار بار اليڪشن جي تاريخ گهري رهيو آهي ته اڄ هو پنهنجي دماغ ۾ اليڪشن جي تاريخ ويهاري ڇڏي، اليڪشن آگسٽ 2023ع ۾ ٿينديون، اليڪشن جو اعلان حڪومت جي آئيني مدو پورو ٿيڻ تي ڪيو ويندو. هن چيو ته عمران خان جيڪڏهن اليڪشن جي تاريخ تي ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته هو گهر ويهي، کيس ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت نه آهي، عوام کي وڌيڪ نه ورهائي، وڌيڪ انتشار ۽ فساد نه ڪري، آگسٽ 2023ع ت??ئي?? انتظار ڪري، هن چيو ته ڪرپٽ، نااهل، چورن ۽ ڪارٽلز مافيا کي هڪ ڀيرو موقعو ملي چڪو آهي، هن چيو ته ملڪ کي هلائڻ جو ٺيڪو ان کي ڏنو ويندو آهي جنهن وٽ تجربو هجي، نيت هجي، پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ منصوبا هجن جيڪي مسلم ليگ (ن) وٽ آهن، هن چيو ته اڄ يوم تڪبير آهي، اڄوڪي ڏينهن ??وا?? شريف ملڪ جي سلامتي ??ي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو. ??وا?? شريف ڪنهن دٻاءُ ۾ اچڻ کانسواءِ ڀارت جي ايٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪيا ۽ دنيا کي ٻڌايو ته ملڪي سلامتي ??ي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو. هن چيو ته ??وا?? شريف ملڪ جي عوام ۽ قومي سلامتي لاءِ جيڪو بهتر هو اهو ڪيو، موٽر وي ٺاهي، وفاق جي اڪاين کي موٽر ويز ۽ رستن جي ڄار ۾ پاڻ ۾ ملايو، هن وفاق جي اڪاين کي ورهايو ناهي، ??وا?? شريف اسپتالون ٺاهيون، اس??ول ٺاهيا، پبلڪ ٽرانسپورٽ جون سهولتون فراهم ڪيون، دهشتگردي جو خاتمو ڪيو، 14000 ميگاواٽ بجلي ٺاهڻ جا منصوبا ٺاهيا، انهن سمورن منصوبن تي مسلم ليگ (ن) جي مهر آهي.
هن چيو ته عمران خان آرام ڪري، سُڪُون جون گوريُون گهرجن ته اسان اسپانسر ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ هن وقت اهڙو وزيراعظم آهي جنهن جي اندر انا ۽ تڪبر نه آهي، ان جو هڪ ئي مقصد آهي ته ملڪ ترقي ڪري ۽ عوام کي رليف ملي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن سوشل ميڊيا تي پوليس جي خلاف مهم هلائي وئي ته ان جا سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا. پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاڪستان جي عوام کي سد??ئي?? شرپسندي کان بچايو، ان جي خلاف ڪنهن به قسم جي مهم شروع ڪئي وئي ته ان تي ??يرو ٽالرينس آهي، وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته هن وقت اهڙي حڪومت اقتدار ۾ آهي جيڪو 90 سيڪڙو ملڪي آبادي جي نمائندگي ڪري رهي آهي، وفاق جون سموريون ڌريُون ان حڪومت ۾ شامل آهن، وفاقي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي رويي ۽ زبان کي بدلائي، ان زبان ۽ رويي سان ساڻس ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.
عمران خان کي اين آر او نه ملندو، ڌمڪي ۽ ڊڪٽيشن ڏيندا ته انهن سان ڳالهيون نه ٿينديون، عمران خان سئو سال به تياري ڪري وٺي عوام کيس رد ڪري چڪي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر