اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن سميت سمورن پاڪستاني شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو ملڪي مستقبل ۽ جمهوريت جي خاطر 27 مارچ تي گهرن کان ٻاهر نڪرن، اس??ن عمران خان ۽ آئين پاڪستان سان گڏ بيٺل آهيون، سمورن اتحادين سان رابطو آهي، ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ زيرڪ ۽ سلجهيل سياستدان آهن، منهنجي خيال ۾ اهي مخالف ڌر جي هنج ۾ نه ويهندا. پارليامينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چ??و ته اڄ وزيراعظم قوم کي واضح پيغام ڏنو آهي ته فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي ته توهان کي چڱائي يا برائي مان ڪه??ي طرف بيهڻو آهي، پرڏيهي وزير چ??و ته هڪ طرف مفاد پرستن جو ٽولو آهي جنهن کي ملڪي مفادن، معيشت ۽ نه ئي اقتصادي ضرورتن سان ڪو واسطو آهي، اهي ماڻهو هڪ نڪاتي ايجنڊا تحت عمران خان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ لُٽ مار لاءِ رستو هموار ڪرڻ چاهي ٿو. انهن جو منشور هڪ آهي نه ئي پارتٽي جهنڊو هڪ آهي، انهن ماڻهن پوري قوم کي پريشان ڪري رکيو آهي، پرڏيهي وزير چ??و ته آئون پاڪستان جي سمورن باشعور شهرين کي گذارش ڪريان ٿو ته هو 27 مارچ تي پنهنجي گهرن کان ٻاهر نڪرن ۽ پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ پنهنجي موجودگي کي يقيني بڻائين. اس??ن عمران خان ۽ جمهوريت سان گڏ بيٺل آهيون، اس??ن جا پنجاب، ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير سميت سمورن ماڻهن سان رابطا ٿي رهيا آهن، ڪي پي ڪي کان ماڻهن جو سمنڊ ايندو. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چ??و ته اس??ن جا اتحادين سان رابطا آهن، اهي آزاد آهن، مون کي يقين آهي ته اهي مناسب وقت تي مناسب فيصلو ڪندا، هن چ??و ته ايم ڪيو ايم کي ڏسڻو پوندو ته اهي پي ٽي آءِ کان عليحدگي اختيار ڪري ڪنهن سان گڏ وڃي رهيا آهن، پي پي سان گڏ، ان پ پ پ خلاف ته ڪجهه ڏينهن اڳ احتجاج ڪري رهي هئي ته انهن ڪراچي سان ناروا سلوڪ ڪيو، انهن جا فنڊ هڙپ ڪيا، جيڪي بلدياتي قانون کڻي آيا ان تي ته پوري سنڌ سراپا احتجاج آهي، اهي سنجيده ۽ سلجهيل ماڻهو آهن، منهنجي خيال ۾ ته هو انهن جي هنج ۾ نه ويهندا. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي او آء?? سي اجلاس جي حوالي سان چ??و ته اسلام آباد ۾ او آء?? سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي انتهائي ڪامياب انعقاد سان پوري امت ۾ پاڪستان جو وقار بلند ٿيو آهي، هن چ??و ته او آء?? سي جي پرڏيهي وزيرن به پاڪستان جي لاءِ خيرسگالي جو اظهار ڪيو، هن چ??و ته او آء?? سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي سربراهه هجڻ جي ناطي پاڪستان، او آء?? سي جي منظور ڪيل قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي غرض سان هڪ ٻيو وزارتي اجلاس طلب ڪندو. پرڏيهي وزير والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چ??و ته او آء?? سي اجلاس ۾ ٻين نمايان تڪرارن کي به ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ايڪشن پلان تي اتفاق ڪيو ويو. هن چ??و ته ايڪشن پلان ان سلسلي ۾ او آء?? سي سيڪريٽريٽ جي ڪردار جو تعين ڪندو آهي.
پاڪستاني شهري ملڪي مستقبل ۽ جمهوريت جي خاطر 27 مارچ تي گهرن کان ٻاهر نڪرن: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ