اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر اسد قيصر پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ملاقات دوران ٻنهي ايوانن ۾ قانونسازي ۽ بين معاملن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته قوم?? اسيمبلي ۽ سينيٽ سٺيون روايتون قائم ڪيون آه?? ۽ هڪ ٻئي سان انتظامي سطح تي رابطي کي تمام گهڻي اهميت ڏني وئي آه??. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته ٻنهي ايوانن جي وچ ۾ قانونسازي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان تعاون مثالي رهيو آه??. ٻنهي اڳواڻن اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ايوانن پاران التوا هيٺ پيل قانونسازي کي فوري ط??ر تي مڪمل ڪيو ويندو. ملاقات ۾ سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي ۽ ٻيا سينيئرز پڻ موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2