اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ قوم کي اقتصادي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندو ۽ مهانگائي جي حوالي سان پئڪيج جو اعلان ڪندو، پنجاب ۾ ميئر جون چونڊون سڌوسنئون ٿينديون، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ مسلسل اضافي تي ڳڻتي آهي، توانائي جي بحرا?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري رهيا آهيون، هڪ ڪروڙ کان وڌي?? آبادي ان پئڪيج مان سڌوسنئون فائدو کڻندي، اعظم سواتي ۽ منهنجي خلاف اليڪشن ڪميشن جا نوٽيسز بي بنياد ۽ ناانصافي تي ٻڌل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو خاص معاون ڊاڪٽر شه??از گل پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ مهانگائي ۽ خيبرپختونخ??اه?? ۽ پنجاب جي بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ٻن بنيادي ايجنڊائن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ مهانگائي جي حوالي سان هڪ وڏي پئڪيج جو اعلان ڪندو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌي?? آبادي فائدو کڻندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسا?? کي عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ مسلسل اضافي تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته اسان توانائي جي بحرا?? کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪري رهيا آهيون. پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون سنڌوسنئون ٿينديون، وزيراعظم ۽ ڪور ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته پنجاب ۾ شه??ن ۽ ضلعن جي ميئرز جي چونڊ سڌوسنئون ٿيندي، وزيراعظم پهرين ڏينهن کان ڊائريڪٽ ڊيموڪريسي جو واعدو ڪيو هو، ان ڏس ۾ تياري حتمي مرحلن ۾ آهي. هن چيو ته وزيراعظم پوري پارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته اها مقامي حڪومتن جي چونڊن جي لاءِ ??تح??ڪ ٿئي، پنجاب جي ضلعن ۾ نامزدگي جو سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون، اهڙي طرح خيبرپختونخ??اه?? ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جي لاءِ مهم شروع آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران اعظم سواتي ۽ مُو?? کي موڪليل نوٽيسز زيادتي تي ٻڌل آهن، جنه?? کي فوري واپس ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي وزيراعظم جي خاص معاون شه??از گل ڳالهائيندي چيو ته اعظم سواتي ۽ چوڌري فواد حسي?? کي اليڪشن ڪميشن پاران نوٽيس تي پوري ڪور ڪميٽي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، جمهوري ملڪن ۾ جمهوري رويا اهڙي طرح ناهن هوندا. هن چيو ته وزيراعظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ قوم کي اقتصادي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندو ۽ مهانگائي جي حوالي سان پئڪيج جو اعلان ڪندو.
وزيراعظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ قوم کي اقتصادي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندو ۽ مهانگائي جي حوالي سان پئڪيج جو اعلان ڪندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania