اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزي?? فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پاران ايف بي آر ۾ سڌارن ۽ معاشي پاليسين جي تسلسل سان ڪاروباري طبقو، صنعتڪار، واپاري ۽ ڪاروباري سرگرمين سان واڳيل سڀ ماڻهو بنا ڪنهن فرق جي فائدو کڻي رهيا آهن. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جولاءِ ۾ 431 ارب ارب جُون ٽيڪس وصو??يُ??ن ٿيُون آهن جيڪي اڄ تائين جي سمورين وصولين کان وڌيڪ آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزي?? فرخ حبيب چيو ته جولاءِ 2021ع ۾ ٽيڪس گوشوارن سان گڏ ٽيڪس ادائيگي ۾ 54 سيڪڙو، ڪسٽمز ڊيوٽيز ۾ 37 سيڪڙو، نيٽ ر??ين??و ۾ 36 سيڪڙو، گراس ر??ين??و ۾ 32 سيڪڙو، انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائيندڙن ۾ 30 سيڪڙو ?? ريفنڊ جاري ڪرڻ ۾ 26.6 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته پاڪستان ڪسٽمز 3.6 ارب جون اسمگل ٿيل شيون ضبط ڪيون.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ