اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي اندر امن پاڪستان جي لاءِ تمام اهم آهي، اسان افغانستان ۾ هڪ مستحڪم حڪومت ڏسڻ چاهيون ٿا، آمريڪا ۽ چين دنيا جون ٻه وڏيون اقتصادي طاقتون آهن، انهن جي وچ ۾ لا??اپا بهتر هوندا ته پوري دنيا ۾ بهتري ايندي، وزي??اع??م آمريڪا، چين ۽ افغانستان جي معاملن تي پنهنجو موقف واضح ڪيو، افغانستان جي حوالي سان پنهنجي سرزمين ڪنهن کي استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، طالبان کي اڳ ۾ آمريڪا ۽ پوءِ افغان عملدارن سان ڳالهين تي راضي ڪيو، چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ا??ا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پاڪ – آمريڪا لا??اپن خاص طور تي افعانستان جي صورتحال جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته وزي??اع??م عمران خان نيويارڪ ٽائيم کي پنهنجي انٽرويو ۾ آمريڪا، چين ۽ افغانستان جي معاملن تي پنهنجو موقف واضح طور تي دنيا آڏو رکيو آهي. پنهنجي انٽرويو ۾ وزي??اع??م آمريڪا سان لا??اپن جو هڪ نئون رخ بيان ڪيو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ آمريڪا سان لا??اپن کي سيڪيورٽي جي ڏس ۾ ڏٺو ويندو هو، وزي??اع??م آمريڪا سان سيڪيورٽي لا??اپن بدران اقتصادي لا??اپن تي زور ڏنو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزي??اع??م نيويارڪ ٽائيمز کي انٽرويو ۾ ڀارت سان لا??اپن ۾ بهتري جي پڻ اميد ظاهر ڪئي آهي. جيڪڏهن مستقبل ۾ ڀارت سان اسان جا لا??اپا ٺيڪ ٿين ٿا ته ڀارت ۽ چين ٻن وڏين منڊين جي وچ ۾ پاڪستان کي جاگرافيائي لحاظ کان اهم مقام حاصل هوندو، اهڙي طرح دنيا بشمول آمريڪا پاڪستان کي نظرانداز نه ڪري سگهندي.
افغانستان جي اندر امن پاڪستان جي لاءِ تمام اهم آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ