اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) بجلي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت اسان ??ي رستي ۾ بارودي سرنگهون وڇائي وئي، کين خبر هئي ته سندن حڪومت نه ايندي ۽ ان ??ي غلط معاهدن ۽ منصوبن جو نتيجو ايندڙ حڪومت ڀوڳيندي، موجوده حڪومت ان ??ي غلط پاليس??ن جو بار عوام تي نه وڌو، اربين روپ??ن جي سبسڊي ڏني پر عوام تي بار نه وڌو، انهن جي غلط پاليس??ن جو نتيجو ايندڙ سالن ۾ به ڀوڳڻو پوندو، جڏهن انهن کان ??وال ڪريون ٿا ته هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندا آهن، ملڪ کي گروي رکي هليا ويا، عوام انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، انهن جا جلسا ناڪام ٿي چڪا، اهي حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ سڌارن کان ڊنل آهن، ??سان ??نرجي اسٽرڪچر کي تبديل ڪري رهيا آهيون، ??وانائي جي شعبي ۾ نوان ۽ شفاف معاهدا ڪري رهيا آهيون. سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي رٿ تي بحث سهيڙيندي عمر ايوب خان چيو ته مخالف ڌر جي يادداشت ڪمزور آهي يا وري اهي حقيقن کي ڄاڻي واڻي مسخ ڪري رهيا آهن، گذريل ڏينهن ملڪ ۾ پاور پلانٽس جي ٽرپ ڪرڻ جي ڪري بليڪ آئوٽ ٿيو، ان ??رح جو بليڪ آئوٽ اڳوڻي حڪومت ۾ 8 ڀيرا ٿيو جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳا، اسان ٽن ڪلاڪن ۾ وڏن شهرن ۾ بجلي بحال ڪري ڇڏي جڏهن ته 8 ڪلاڪن ۾ پوري ملڪ ۾ اهو مسئلو ٿي ويو، ان معاملي جي جاچ ٿي رهي آهي ۽ حڪومت پوري نظام جو جائزو وٺندي، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت 18 ، 19 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي ٽرانسمينٽ نه ڪئي، اسان ??ها صلاحيت ساڍا 23 هزار تائين وٺي وياسين، ??ڳوڻي حڪومت 2013ع کان 2018ع تائين غلط فيول مڪس متعارف ڪرايو جنهن جو نتيجو نه رڳو اسان پر عوام به ڀوڳي رهي آهي، اڳوڻي حڪومت اسان ??ي رستي ۾ بارودي سرنگهون وڇائي وئي ڇو ته کين خبر هئي ته ٻيهر سندن حڪومت ناهي اچڻي.
اڳوڻي حڪومت اسان جي رستي ۾ بارودي سرنگهون وڇائي وئي: عمر ايوب خان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار