انقره – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ترڪ سيڙپڪارن کي خاطري ڪرائي آهي ته کين هاڻي پاڪستان ۾ بلڪل مختلف حڪومت ملندي جيڪا ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪندي دولت جي پيداوا?? تي يقين رکي ٿي، حڪومت سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. ترڪ بزنس ڪائونسل جي ميمبرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان کي تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشت تصور ڪيو ويندو هو ?? اها ترقي جي حقيقي ماڊل جي طو?? تي ڏيکاريي ويندي هئي، ڏکڻ ڪوريا ۽ ملائيشيا پاڪستان کان سکيو ۽ ٻئ?? ملڪ اڳتي وڌي ويا.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل