اسلام آباد – 23مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جو راز جمهوريت ۾ ئي لڪل آهي، درپيش چئلينجن کي م??هن ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته جمهور?? روايتن کي فروغ ڏنو وڃي ته جيئن معاشري ۾ رواداري، هم آهنگي ۽ برداشت وڌي ويجهي، هن اها ڳالهه پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو اڄ جمعي ڏي??هن ملهايو پيو وڃي، صدر چيو ته 23 مارچ جو ڏي??هن اسان جي قومي تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، ان پرمسرت موقعي تي سڄي قوم کي دلي مبارڪباد پيش ڪندي هن چيو ته ان ڏي??هن اسان جي بزرگن تاريخي قرارداد لاهور منظور ڪئي، ج??هن ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ واضح ۽ عظيم مقصد لاءِ متحد ڪري ڇڏيو، صدر ان موقعي تي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح، مصور پاڪستان ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ۽ آزادي جي تحريڪ جي ٻين اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن پنهنجي پڪي عزم ۽ بي مثال قرباني سا?? پاڪستان حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ڪئي.
صدر ممنون حسين جو پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ