ڪراچي – 07 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نو??ز شريف پهريون وزيراعظم آهي جنهن پنهنجي ٽن نسلن جو حساب ڏنو آ??ي، ٻين کي به حساب ڏيڻو پوندو، وزيراعظم ۽ سندس خاندان عوام جي اعتماد لاءِ پاناما پيپرز بابت هر سطح تي جواب ڏيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪائونسل ??ف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي عهديدارن ۽ ميمبرن سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد نو??ز شريف ??وم کي پنهنجي خطاب ۾ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم (جي آءِ ٽي) ٺاهڻ جي آڇ کانسواءِ ان حوالي سان سپريم ڪورٽ کي خط به لکيو هو. هن چيو ته وزيراعظم محمد نو??ز شريف کي الله تعاليٰ اڃا عزت ڏي ۽ هو ملڪ جي اهڙي طرح خدمت ڪندو ر??ي، عوام مٿس اعتماد ڪري ٿي ۽ پنهنجي خدمت لاءِ چونڊي ٿي.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز