اسلام آب??د ?? 02 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي ??ار?? وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ميڊيا هائوسز ۽ ميڊيا ڪارڪنن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ سيڪيورٽي قدمن جي ضرورت آهي. ميڊيا هائوسز جي سيڪيورٽي معاملن جي حل لاءِ قائم ڪيل وزارتي ڪميٽي جي ڇهين اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت صح??في برادري جي تحفظ جو پڪوپهه ڪيو آهي ۽ جرنلسٽ ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن بل 2016ع جي تياري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ميڊيا جي ڪارڪنن جا جائ?? مطالبا پورا ٿي سگهن. ان موقعي تي تعليم ??ار?? مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان ۽ وزيراعظم جو قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي ??ار?? صلاحڪار عرفان صديقي پڻ موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته بل ۾ ان??ونمينٽ فنڊ بابت شقون، جاني نقصان يا زخمي ٿيڻ جي صورت ۾ معاوضو ۽ انشورنس اسڪيم شامل آهي جنهن جو مقصد ميڊيا جي صنعت ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جي پائيدار ترقي ۽ تحفظ آهي.
ميڊيا هائوسز جي تحفظ لاءِ سيڪيورٽي قدمن جي ضرورت آهي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی