اوٽاوا-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سفارتي محاذ تي ڀارت کي ھڪ وڏو جھٽڪو لڳو آهي ڪينيڊا ڀارتي ھاءِ ڪمشنر سنجي ڪمار ورما ۽ 5 سفارتي اھلڪارن کي جلاوطن ڪري ڇڏيو آ??ي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق خالصتان نواز سک اڳواڻ ھرديپ سنگهه نجر جي ??تل ڪيس سبب ڀارتي سفارتڪارن کي ڪينيڊا مان ملڪ بدر ڪيو ويو آ??ي. ان کان اڳ ڀارت پنھنجي شرمندگي کي لڪائڻ لاءِ ڪينيڊا مان پنھنجي ھاءِ ڪمشنر ۽ سفارتڪارن کي واپس گھرائڻ جو فيصلو ڪيو، انھن سفاتڪارن کي ڪينيڊا خالصتان نواز سک اڳواڻ هرديپ سنگ نجر جي ??تل جي جاچ ۾ شامل ڪيو ھو. ڀارتي پرڏيھي وزارت نئين دھلي ۾ ڪينيڊا احتجاج ۾ ناظم الامور کي به طلب ڪري ورتو. ڀارتي پرڏيھي وزارت چيو ته ڪينيڊا ۾ م??جو?? ڀارتي سفارتڪارن جي سيڪيورٽي جي حوالي سان مودي حڪومت کي ڪينيڊا جي م??جو??ه حڪومت تي اعتبار نه آھي. ڀارت جوابي قدمن جو حق رکي ٿو. واضح رھي ته ٻنھي ملڪن وچ ۾ تڪرار جي شروعات گذريل سال ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ ھرديپ سنگه نجر جي ??تل بعد ٿيو ھو. ڪينيڊا جي و??ير??عظم ھرديپ سنگ نجر جي ??تل جا الزام ڀارتي حڪومت تي لڳايا ھئا. ان کانپوءِ ڀارت 41 ڪينيڊين سفارتي اختيارين کي ملڪ ڇڏڻ جو چيو ھو.
ڪينيڊا پاران ڀارت جي ھاءِ ڪمشنر سميت 5 سفارتڪار ملڪ بدر
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania