پيانگ يانگ _ 9 آڪٽوبر (اي پي پي )اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان چيو آهي ته سندس ملڪ ايٽمي هٿيارن سان گڏ فوجي سپر پاور بڻجڻ ??رف تيزي سان قدم وڌائيندو ۽ دشمن جي حملي جي صورت ۾ انهن جي استعمال کان پاسو نه ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪم جونگ ان هڪ هفتي ۾ ٻيو ڀيرو ڏکڻ ڪوريا جي صدر يون سڪ يول جو نالو کڻي کيس خطي کي غير مستحڪم ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو ۽ ان حقيقت تي روشني وڌي ته ڏکڻ ڪوريا وٽ ته مناسب اسٽريٽجڪ هٿيار به ناهن. اتر ڪوريا جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي کي خطاب ۾ ڪم جونگ ان چيو ته سچ پڇو ته اسان جو ڏکڻ ڪوريا تي حملو ڪرڻ جو قطعي ڪو ارادو ناهي. هن چيو ته جڏهن به اسان فوجي طاقت جي استعمال بابت پنهنجو موقف بيان ڪيو ته واضع طور تي ۽ مستقل جيڪڏهن ڪو لفظ استعم??ل ڪيو ته جيڪڏهن دشمن اسان جي ملڪ خل??ف طاقت استعم??ل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته فوج بنا ڪنهن هٻڪ جي سموري جارحاڻي طاقت استعم??ل ڪندي .ايٽمي هٿيارن جي استعمال کي به نه روڪيو ويندو. هن چيو ته فوجي سپر پاور ۽ ايٽمي طاقت بڻجڻ ??رف اسان جو قدم تيز هوندو. ياد رهي ته اتر ڪوريا ڪيترن ڏهاڪن کان ايٽمي هٿيارن جو پروگرام هلائي رهيو آهي ۽ خي??ل ڪيو پيو وڃي ته ان ملڪ وٽ ايٽمي هٿيار ٺاهڻ لاءِ تمام گهڻو ايٽمي مواد موجود آهي . هن زمين هيٺ 6 ايٽمي ڌماڪا به ڪيا آهن.
اتر ڪوريا ايٽمي هٿيان سان گڏ فوجي سپر پاور بڻجڻ طرف گامزن
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea