لنڊن-03 سيپ??مب?? (اي پي پي) برطانيا ايران خلاف پابندين ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. پابندين ۾ هاڻي ايراني پاسداران انقلاب جي اسپيشل فورسز يونٽ ”قدس فورس“ کي شامل ڪيو ويو آهي . ان پابندي جو برطانيا جي حڪ??مت جي ويب سائيٽ تي شايع ٿيل تازي بليڪ لسٽ مان به اظهار ٿي رهيو آهي. العربيه برطانوي حڪ??مت جي ويب سائيٽ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي ۽ اثا ثن کي ضبط ڪرڻ جي صورت ۾ اهي پابنديون ايراني پاسداران انقلاب جي يونٽن مان هڪ جي ڪمانڊر حميد فاضلي خلاف لاڳو ڪيون ويون آهن. عبدالفتاح اهوازيان ۽ بهنام شهرياري تي به پابنديون لڳايون ويون آهن. برطانوي حڪ??مت جي ويب سائيٽ موجب عبدالفتاح اهوازيان ايراني حڪ??مت جي مخالف سرگرمين ۾ ملوث هيو. انهن سرگرمين جو مقصد برطانيا کي غير م??تح??م ڪرڻ هيو. بهنام شهرياري اسرائيل، عراق، يمن ۽ لبنان ۾ حالتن کي غيرم??تح??م ڪرڻ جي سرگرمين ۾ به ملوث هيو. فهرست ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قدس فورس جو يونٽ 700 برطانيا اندر عدم ا??تح??ام پيدا ڪندڙ سرگرمين جي تياري ۽ منصوبه بندي ڪري رهيو هيو. گڏيل طور تي هاڻي ايران خلاف برطانيه جي پابندين جي لسٽ ۾ 27 قانوني ادارا ۽ 190 ماڻهو شامل ٿي ويا آهن.
برطانيا ايران خلاف پابندين ۾ واڌ ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی