ابوظهبي – 15 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل عرب امارتن ج?? رياست ابوظهبي ج?? ريئل اسٽيٽ مارڪيٽ ۾ هلندڙ سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ سڌ?? ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 225 سيڪڙو جو اض??فو ريڪارڊ ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ابوظهب?? ريئل اسٽيٽ جي شعبي جي نگران ۽ ريگوليٽر ابوظهب?? ريئل اسٽيٽ سينٽر اعلان ڪيو آهي ته ابوظهبي ج?? ريئل اسٽيٽ مارڪيٽ ۾ هلندڙ سال جي پهرين ڇهه ماهي دوران 2023 ع جي ڀيٽ ۾ ريئل اسٽيٽ سيڙپڪاري ۾ 3.28 ارب درهم جي سيڙپڪاري ٿي جنهن ۾ 75 ملڪن جي 971 انفرادي سيڙپڪارن حصو ورتو جن ۾ آمريڪا، برطانيا، چين، قزاقستان ۽ روس شامل آهن. اه?? ابوظهبي ج?? ريئل اسٽيٽ مارڪيٽ ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد جو اظهار آهي.
مضمون کا ماخذ : ریل رش