واشنگٽن -10 جون ( اي پي پي ) آمريڪا چي?? آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ يرغمالين جي آزادي سان گڏ فوري جنگ بندي جي منصوبي جي حمايت ڪندي پنهنجي قرار داد جي معاهدي جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل سان ووٽن جي درخواست ڪئي آهي.اردو نيوز موجب آمريڪي وفد جي ترجمان نيٽ ايونز ووٽنگ جي تاريخ ٻڌائي بغير چيو ته آمريڪا سلامتي ڪونسل سان غزه ۾ جنگ بندي لاءِ پنهنجي طرفان تيار ڪيل قرار داد تي ووٽ ڪرائڻ جو مطالبو ڪي?? آهي هن چيو ته ڪونسل جي ميمبرن کي ان موقع?? کي ضايع نه ڪ??ڻ گهرجي ان معاهدي جي حمايت ۾ هڪ آواز ٿي ڪري ڳالهائڻ کپي ياد رهي ته آمريڪا صدر جوبائيڊن 31 مئي تي گڏيل قومن سان غزه جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي لاءِ تجويز پيش ڪئي هئي ان تجويز تحت اسرائيل غزه جي آبادي واري علائقن مان نڪري ويندو۽ فلسطين يرغمالين کي آزاد ڪندو . جنگ بندي شروعاتي چئين هفتن تائين جاري رهندي . ٻئي پاسي اسرائيل جي جنگي ڪابينا جي اهم رڪن بيي گينٽز اسرائيلي وزيراعظم تي دٻاءٌ وجهي رهي?? آهي .
آمريڪا پاران سلامتي ڪونسل سان غزه ۾ جنگ بندي جي قرار داد تي ووٽنگ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن