گڏيل قومون-26 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته جيڪڏهن عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) غزه ۾ اس??ائيل جي جنگي ڏوهن بابت ڪيس هلائڻ لاءِ فوري قدم نٿي کڻي ته ان مقصد لاءِ هڪ نئون خصوصي ٽربيونل قائم ڪيو وڃي، اها ڳالهه مناسب رعايت جي حقن بابت گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي بالاڪرشنن راجا گوپال ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چئي. هوڏانهن نيدرلينڊ ۾ لبيا جي سفير چيو ته سندس ملڪ ۽ فلسطيني قيادت هيٺ رياستن جي هڪ گروپ اس??ئايل خلاف آءِ سي سي ۾ ڪيس درج ڪر??يو آهي، جنهن جو مقصد اس??ائيل جي فوج هٿان غزه ۾ وڏي پيماني تي ٿيل قتل تي قانوني رستو اختيار ڪرڻ آهي. غزه پٽيءَ ۾ اس??ائيل جي جنگ جي شروعات کان هاڻ تائين 20 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ 70 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار شامل آهن. ان کان علاوه تمام وڏي آباديءَ کي خوراڪ، پاڻي، طبي سهولتن ۽ بجليءَ کان پڻ محروم ڪيو ويو آهي. فرانس جي وڪيل ان ڳالهه جي تصديق ڪندي آءِ سي سي وٽ درج ڪيل ڪيس ۾ ذڪر جوڳي اڳڀرائي ٿي آهي. سڄي دنيا جي وڪيلن جي هڪ گروپ کي آءِ سي سي آڏو مظلوم فلسطينين جي نمائندگيءَ لاءِ متحرڪ ڪيو ويو آهي. هيڪ ۾ قائم آءِ سي سي کي 17 نومبر تي غزه پٽي ۽ اولهه ڪِناري ۾ اس??ائيل طرفان ڪيل جنگي ڏوهن جي جاچ لاءِ 5 ملڪن مان اپيلون مليون آهن.
عالمي فوجداري عدالت غزه ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف ڪو ڪيس هلائڻ لاءِ فوري قدم نٿي کڻي ته نئون خصوصي ٽربيونل قائم ڪيو وڃي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں