مونٽريال-08 نومبر (اي پي پي) ڪينيڊا جي شاعره روپي ڪور وائيٽ هائوس ۾ ديوالي جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت رد ڪري ڇڏي ۽ ان قدم کي غزه ۾ جاري اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي آمريڪي حمايت جي خلاف احتجاج قرار ڏنو آهي. برطانوي نشرياتي اداري جي رپورٽ موجب ??وشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ روپي ڪور چي?? ته هو اهڙي اداري طرفان ڪنهن به دعوت کي رد ڪري ٿي جيڪو شهرين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جي حمايت ڪري ٿو. هن ڏکڻ ا??شيا جي رهواسين کي به اپيل ڪئي ته هو غزه ۾ هزارين شهرين جي قتل جي حمايت تي آمريڪي حڪومت کي جوابده بڻائين. روپي ڪور وڌيڪ چي?? ته کيس صدر جوبائيڊن جي انتظاميه طرفان وائيٽ هائوس ۾ ديوالي جو ڏڻ جنهن کي هندو روشنين ج?? تهوار چوندا آهن ۽ جيڪو ڪوڙ تي سچ ۽ جهالت تي علم جي فتح جو جشن آهي، ملهائڻ ڪيئن قابل قبول آهي. هن آمريڪي حڪومت تي فلسطينين خلاف نسل ڪشي جو جواز پيش ڪرڻ جو الزام لڳايو، هن صدر جوبائيڊن جي انساني ب??يا??ن تي جنگ بندي جي حمايت ڪرڻ کان انڪار تي به تنقيد ڪئي ۽ چي?? ته گڏيل قومن طرفان غزه ۾ جنگ بندي جي حمايت باوجود آمريڪا ان جنگ بندي جي مخالفت ڪئي آهي. وائيٽ هائوس ۾ منعقد ٿيندڙ ديوالي جي ان تقريب جي ميزباني آمريڪا جي ڀارتي ڄائي نائب صدر ڪملاهيرس ڪري رهي آهي جنهن اڃان تائين روپي ڪور جي انهن رمارڪس تي ڪو به تصب??و ناهي ڪيو.
اسرائيل جي حمايت خلاف احتجاج، ڪينيڊا جي شاعره روپي ڪور وائيٽ هائوس ۾ ديوالي جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت رد ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : ریل رش