اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پر??گر??م جي چيئرپرسن مملڪتي وزير ماروي ميمڻ کي هائوس آف ڪامنز جي اسپيڪر جان برڪائو پاران اسپيڪرز ڊيموڪريسي ايوارڊ ڏنو ويو آهي. اسپيڪرز ڊيموڪريسي ايوارڊ هڪ عالمي ايوارڊ آهي جيڪو هڪ ا??ڙي شخصيت کي ڏنو وڃي ٿو جيڪا پنهنجي قيادت ۽ ذاتي همت ۽ حوصلي ذريعي جمهوري معاشري جي ترقي ۾ بهترين ??ردار ادا ڪندڙ هجي. هي ايوارڊ اهڙي شخصيتن جي خدمتن کي ساراهي ٿو جيڪي وسيع معنيٰ ۾ جمهوري ترقي جي لاءِ انساني حقن، آز??دي راءِ، قانون جي حڪمراني، شفافيت ۽ ڪرپشن جي خلاف قدمن سميت ملڪي مفاد بابت ڪنهن به رخ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪندا هجن.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ