بينڪاڪ-19 آگسٽ (اي پي پي) ٿائلينڊ جي نئين چونڊيل وزيراعظم پ??تونگا??رن شيناوترا ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته هو دل سان ديس جي ترقي لاءِ ڪم ڪندي. پرڏيهي ميڊيا موجب شاهي محل طرفان وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ جي باضابطا اجازت ملڻ کانپوءِ پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته حڪومت جي سربراهه طور مان پارليامينٽ سان گڏجي ڪم ڪنديس ۽ ملڪي ترقي ۾ مدد لاءِ سمورن ڌرين طرفان تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. پيوتنگا ٿائلينڊ جي ننڍي ڄمار واري وزيراعظم آهي. 37 ورهين جي نئين چونڊيل وزيراعظم شيناوترا مُلڪ جي ٻي عورت وزيراعظم آهي جيڪا چونڊجي آئي آهي. هوءَ اڳوڻي وزيراعظم ٿاڪسن شيناوترا جي ڌيءَ آهي. کيس 493 جي ايوان مان 314 کان وڌيڪ ميمبرن و??ٽ ڏئي ملڪ جي نئين وزيراعظم طور چونڊيو آهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج