انقره، دمشق – 09 فيبروري (اي پي پي) ترڪيه ۽ شا?? ۾ ??باهي پکيڙيندڙ زلزلي سبب فوتگين جو انگ 15 هزار کان وڌي ??يو. ترڪيه جي انادولو ايجنسي خميس تي ڊيزاسٽر اينڊ ايمرجنسي منيجمنٽ اٿارٽي جي حوالي سان ٻڌايو ته ملڪ ۾ تباهي پکيڙيندڙ زلزلي سبب فوتگين جو انگ 12 هزار 391 تائين پهچي ويو آهي. چيني خابرو اداري جي رپورٽ ۾ شام جي صحت واري وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته شا?? ۾ ??ڪومت جي ڪنٽرو?? هيٺ علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1262 ماڻهو فوت ۽ 2285 زخمي ٿيا. ميڊيا رپورٽس ۾ امدادي ڪارڪنن جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته شام ۾ مخالف ڌر جي ڪنٽرو?? هيٺ علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1730 ماڻهو فوت ۽ 2850 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. زلزلي سبب متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاروائيون جاري ??هن . واضح رهي صحت جي عالمي اداري خدشو ظاهر ڪيو آهي ته فوتگين جو اصل انگ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ