گڏيل قومون – 31 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پشاور مسجد ۾ دهشتگردن جي آپگهاتي حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته بزدلاڻي واقعي جي ذميوارن کي ??نصاف جي ڪٽهڙي تي آندو وڃي. 15 رڪني سلامتي ڪائونسل طرفان جاري بيان ۾ سانحي جي متاثرين جي وارثن ۽ پاڪستان حڪومت سان همدردي جو اظهار ڪيو ويو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. بيان ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته سلامتي ڪائونسل ويجهو دهشتگردي پوءِ اها ڪهڙي به شڪل ۾ هجي بين الاقوامي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي. بيان ۾ چيو ويو ??ه هن سانحي جي ذميوارن ۽ انهن ??ي مالي معاونت ??ندڙ توڙي سرپرستي ڪندڙن کي ??نصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. بيان ۾ سمورن ملڪن کي ??پيل ڪئي وئي ??ه هو بين الاقوامي قانون ۽ سلامتي ڪائون??ل جي قراردادن مطابق پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي هن معاملي ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن جي مدد ۽ معاونت ??ن. بيان ۾ چيو ويو ته سلامتي ڪائون??ل جا ميمبر ملڪ ان عزم جو اظهار ڪن ٿا ته دهشتگردي جون ڪارروائيون پوءِ اهي ڪهڙي به مقصد جون هجن ۽ هو دنيا جي ڪنهن ??ه حصي ۾ هجي ان کي ??نهن ??ه انجام ڏنو هجي اهو مجرماڻيون ڪارروائيون آهن ۽ انهن ??و ڪو به جواز پيش نٿو ڪري سگهجي.
سلامتي ڪائونسل ۽ يو اين اي او سي جي پشاور حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : apostas quina