اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته هر ادارو پارليامينٽ کي جوابده هجڻ گهرجي، سينيٽ چيئرمين حڪم ڏي ته حڪومت ريمنڊ ڊيوس جي ڪتاب ۾ ڪيل انڪشافن سبب اٿندڙ سوالن جي جاچ ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، رڳو نمبر واڌائڻ لاءِ ان جي جاچ ڪرائڻ جو ڪو به فائدو ناهي، ان کانپوءِ سينيٽ چيئرمين ان حوالي س??ن سينيٽر مولانا حافظ حمد الله جو ڌيان ڇڪايو نوٽيس اڪلائي ڇڏيو، ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو ته حاڪميت پارليامينٽ وٽ اچڻ تائين اهڙن واقعن جي روڪٿام نٿي ڪر?? سگهجي، هر ادارو هن ايوان يعني پارليامينٽ کي جوابده هجڻ گهرجي
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔