لاهور – 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??واز شريف ڪامياب اوپن هرٽ سرجري کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو آهي. لاهور ايئرپورٽ تي پنجاب جي گورنر ??حم?? رفيق رجوانه، پنجاب جي وڏي وزير ??حم?? شهباز شريف، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثا?? علي خان، وفاقي وزيرن احسن اقبال، خواجه سعد رفيق، عابد شي?? علي، وفاقي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن، مسلم ليگ (ن) جي سينيئر عهديدارن سميت سينيئر صحافين سهيل وڙائچ، افتخار احمد، سلمان غني، مجيب الرحمان شامي، غريده فاروقي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم محمد ??واز شريف استقبال جي لاءِ ايندڙ ماڻهن سان هڪ هڪ ٿي هٿ ملايو ۽ پنهنجي صحت بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم جي وطن واپسي جي موقعي تي خاتون اول بيگم ڪلثوم نواز پڻ ساڻس گڏ هئي. بعد ۾ وزيراعظم محمد ??واز شريف لاهور ايئرپورٽ کان هيليڪاپٽر ذريعي پنهنجي رهائش جاتي امراءَ رائيونڊ جي لاءِ ر??انو ٿ?? ويو.
وزيراعظم ڪامياب اوپن هرٽ سرجري کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل