ڪراچي – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته امجد صا??ري امن ۽ محبت جو جيڪو ڏيئو روشن ڪيو ان کي وسامڻ نه ڏينداسين. هن اها ڳالهه وزيراعظم محمد نواز شريف جي هدايت تي ناليواري سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي جي عيادت ۽ بعد ۾ شهيد امجد صا??ري جي گهرڀاتين سان فاتحه خواني کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چئي. امجد صا??ري شهيد جي رهائشگاهه ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽر پرويز رشيد چيو ته هو وزيراعظم محمد نواز شريف پاران امجد صا??ري جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪرڻ آيو آهي. وفاقي وزير چيو ته امجد صا??ري پيار ۽ محبت جو آواز هو ۽ سندس شهادت شر جي قوتن پاران خير جي قوت تي حملو آهي. هن چيو ته جتي هر پاڪستاني امجد صا??ري جي شهادت سبب ڏک ۾ ورتل آهي، انهن اهو عزم به ڪيو آهي ته منفي قوتن جي ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
امن جي ڏيئي کي وسامڻ نه ڏينداسين: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha