دبئي-08 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل ع??ب امارتن پاڪستان جي 77 هين آزادي واري ڏهاڙي جي سلسلي ۾ 11 آگسٽ تي دبئي ۾ شاندار تقريب منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. گڏيل ع??ب امارتن جي نيوز ايجنسي وام موجب اها تقريب دبئي ورلڊ ٽ??يڊ سينٽر ۾ منعقد ٿيندي جنهن ۾ اٽڪل 10 هزار ماڻهو شرڪت ڪندا. تقريب ۾ گڏيل ع??ب امارتن جو رواداري ۽ گڏيل بقاءَ وارو وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان ۽ گڏيل ع??ب امارتن ۾ پاڪستان جو سفير فيصل نياز ترمذي سان گڏوگڏ پاڪستاني برادري جا نمائندا ۽ اهم شخصيتون به شرڪت ڪنديون. اها تقريب امارات پاڪستان سان محبت ڪري ٿو، جي پيج جي اهتمام هيٺ ٿيندي. رپورٽ موجب پاڪستان ايسوسيئيشن دبئي، دبئي پوليس ۽ دبئي ورلڊ ٽ??يڊ سينٽر جي تعاون سان منعقد اها تقريب گڏيل ع??ب امارتن ۽ پاڪستان وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ گهري لاڳاپن کي اجاگر ڪري ٿي. تقريب ۾ ثقافتي پرفارمنس، ميوزيڪل شوز ۽ روايتي سرگرميون شامل هونديون جيڪي گڏيل ع??ب امارتن جي ترقي ۾ پاڪستاني برادري جي ڀرپور ورثي ۽ حصيداري جي عڪاسي ڪنديون. اها تقريب گڏيل ع??ب امارتن جي عالمي تعاون ۽ رواداري کي هٿي ڏيڻ ۽ هم آهنگي تي ٻڌل ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو آهي ته جيئن هتي مختلف ثقافتن سان تعلق رکندڙ پرامن طريقي سان هڪٻئي سان رهي سگهن. گڏيل ع??ب امارتن ۽ پاڪستان وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن، جن جو بنياد امارات جي باني اڳواڻ شيخ زيد بن سلطان النهيان مرحوم 1971ع ۾ رکيو هو. اڄ ٻئي ڀائر مسلمان ملڪن جا گڏيل لاڳاپا پهرين کان وڌيڪ مضبوط آهن جن کي اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ وڌندڙ اقتصادي تعاون سان هٿي ملي رهي آهي، گڏيل ع??ب امارات پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سڀ کان وڏو سيڙپڪاري آهي، جنهن تازو ئي پاڪستان جي معاشي شعبن ۾ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو واعدو ڪيو آهن.
گڏيل عرب امارتن پاران پاڪستان جي آزادي واري ڏهاڙي جي سلسلي ۾ 11 آگسٽ تي دبئي ۾ شاندار تقريب منعقد ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز