گڏيل قومون- 22 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته اسرائيل ج?? فوجي ڪاررواين جي نتيجي ۾ غزه ۾ مارجي ويلن جي شرح يوڪرين ۽ عراق جي جنگ ۾ مجموعي طور ت?? فوتين جي شرح کان وڌي چڪي آ??ي. الجزيره مطابق والاريل فلسطين جي علائقن بابت گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي فرانسسڪا الباني ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته حماس جي 7 آڪٽوبر جي حملن بعد کان اسرائيل?? فوج جي ڪارروائي ۾ غزه جي 1.1 سيڪڙو آبادي مارجي چڪي آ??ي جڏهن ته يوڪرين ۽ عراق جي جنگ ۾ انهن مڪن اندر ترتيبوار 0.2 سيڪڙو ۽ 0.8 سيڪڙو آبادي مارجي چڪي آ??ي. فرانسسڪا الباني جو وڌيڪ چوڻ هو ته تباهي جي لحاظ کان هن صدي ۾ ڪا به جنگ غزه جي جنگ جي ويجهي تائين ناهي پهتي. ڊسمبر ۾ گڏيل قومن جي جي انساني حقن جي ??في?? فيبروري 2022ع ۾ روس ج?? فوجي ڪارروائي شروع ٿيڻ بعد کان يوڪرين ۾ رڳو 10 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي.
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena