گڏيل قومون-27 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) چيو آ??ي ته غزه ج??ن حالتون تازن ڄاول ٻارن لاءِ موزون ناهن رهيون. العربيه نيوز موجب يو اين آر ڊبليو اي ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو آ??ي ته اسان جي بهادر عورت هليٿ ورڪرز غزه ۾ هن وقت تائين محفوظ رهيل آپريشنل هليٿ سينٽرز ۽ اسان جي قائم ڪيل پناهگاهن ۾ ويم کانپوءِ يا ويم دوران طبي صورتحال جو شڪار ڳورهاري عورتن جي سارسنڀال ڪري رهيون آهن. اداري واضح ڪيو آ??ي ته انهن عورتن کي فوري ط??ي سارسنڀال ۽ تحفظ جي ضرورت آهي. واضح رهي ته گڏيل قومن جي ايجنسي جو هي بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيا جڏهن گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتي??ي ۾ 250 فلسطيني شهيد ٿي ويا جنهن کانپوءِ غزم شهيدن جو ڪل تعداد 20 هزار 700 ٿي ويو آ??ي. فلسطين ۾ سرگرم ڊفنس فار چلڊرين نالي اين جي او موجب اسرائيلي فوج جي بربريت جي نتي??ي ۾ 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين غزه ۾ ساڍا 8 هزار کان وڌيڪ فسلطيني ٻار شهيد ٿي چڪا آهن.
غزه جون حالتون تازن ڄاول ٻارن لاءِ موزون ناهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر