والاريل بيت المقدس -10 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل ق??من جي ع??لي ۽ ڊونرز ملڪن جي نمائندن اسرائيلي ح??لي سبب تباهه ٿيل جنين پناهگير ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ هتي اسرائيل جي ٻن ڏهاڙن جي فوجي ڪارروائي سبب تباهي جي خوفناڪ منظرن ۽ نقصانن جو مشاهدو ڪيو. هن فوجي ڪارروائي ۾ 4 ٻارن سميت گهٽ ۾ گهٽ 12 ڄڻا شهيد، 140 زخمي ٿيا. جڏهن ته تقريبن 900 گهرن کي نقصان پهتو آهي. فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل ق??من جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي يو اين آر ڊبليو اي جي ڊپٽي ڪ??شن?? جنرل ليني اسٽينسٿ چيو آهي ته دوري جو مقصد جنين مهاجر ڪيمپ تي اسرائيلي ح??لي جي متاثرن سان يڪجهتي جو اظ??ار ڪرڻ هو ۽ کين اهو يقين ڏيارڻ هو ته هن مشڪل وقت ۾ اسان ساڻن گڏ آهيون. وفد ۾ ايجنسي جي اولهندي ڪناري جي فيلڊ آفيس جي ڊائريڪٽر ايڊم بولوڪوس ۽ گڏيل ق??من جي رهائشي ۽ انساني همدردي جي ڪو آرڊينيٽر لن هيسٽنگز ۽ عالمي ڊونر ڪميونٽي جا ڪيترائي سينئر نمائنده پڻ شامل هئا. ليني اسٽينسٿ ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته جنين ۾ خوفناڪ تباهي ڏٺي ڪجهه گهر مڪمل طور سڙي ويا هئا. تارون ڀتين سان ٽڪرايون ويون هيون ۽ گاڏين کي به نقصان پهتو ايستائين جو ان اداري طرفان قائم ڪيل هيلٿ سينٽر به تباهه ٿي ويو. هن ٻڌايو ته جنين پناهگير ڪيمپ جا رهواسي اسرائيلي ح??لي کان بيحد خوفزده آهن. جنين پناهگير ڪيمپ ۾ تقريبن 24 هزار ماڻه?? رهائش پذير آهن. هتي قائم يو اين آر ڊبليو اي جو هيلٿ سينٽر ايستائين تباهه ٿي ويو جو ان کي وڌيڪ استعمال جي قابل نٿو بڻائي سگهجي.
اسرائيل جي حملي کان پوءِ جنين ۾ تباهي جا خوفناڪ منظر ڏٺا: گڏيل قومن جي عورت عهديدار جي جنين دوري جي موقعي تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ