اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قوم?? ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب جي صدارت ۾ پاڪستان جي آزادي جي 70 سالا ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ فيصلو ٿيو آهي ته احمد جي ڇاگلا جي تيار ڪيل قومي تراني جي اصلي ڌن کي ??المي معيار جي سازن مطابق نئين جدت ڏني ويندي جيڪا پاڪستان جي ثقافت جي به علمبردار هوندي. اجلاس ۾ پي اين سي اي جي ڊائريڪٽر جنرل جمال شاهه کي ??ن حوالي سان تفصيلي تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب اطلاعات واري وزارت کي هدايت ڪئي ته آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن کي ??اندار نموني سان ملهائڻ جي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ