اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز ??ري?? سان ٻڌڻ کان لاچار ٻارڙي ندا خان ڪامياب سرجري کانپوءِ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ندا خان سان ملي خوش ٿيو، اها ٻارڙي پيدائشي طور تي ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ کان محروم هئي، جيڪا ڪامياب آپريشن کانپوءِ ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي قابل بڻجي وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ندا خان هڪ کان ٻن سالن جي عرصي دوران اسپيچ ٿراپسٽ جي مدد سان پوري طرح ڳالهائڻ جي قابل ٿي ويندي. وزيراعظم ک?? وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ندا خان هڪ ذهين ٻارڙيءَ آه?? جنهن سبب هو جلد صحتياب ٿي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے