اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته هندي سمنڊ ۾ ايٽمي هٿيارن جي تنصيب ۽ عسڪري سرگرمين سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي سنگين خطرا لاحق آهن، اسان پنهنجي قومي مفادن کان پوري ريت آگاهه ۽ وڌندڙ مي??ي ٽائيم سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکون ٿا، پاڪستان زمين ۽ سمنڊ ۾ پنهنجي مفادن ۽ دفاع جي غرض سان سامونڊي رستن کي کليو رکڻ لاءِ ??مايان بحري موجودگي برقرار رکندو، پاڪستان بح?? هند جو ٽيون اهم ملڪ آهي ۽ بح?? هند خطي ۾ پرامن نيوي گيشن ۽ سلامتي سان پاڪستان جا مفاد لاڳاپيل آهن، حڪومت سمنڊ ۾ سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي، ڪالهه ڪراچي ۾ ستين مي??ي ٽائيم عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي پرڏيهي صلاحڪار چيوته پوري خطي جي فائدي جي لاءِ بح?? هند کي امن ۽ خوشحالي جو مرڪز بنائڻ جي ضرورت آهي، بح?? هند جي اهميت کي اجاگر ڪندي سرتاج عزيز چيو ته بح?? هند وچ ايشيا، آفريقا ۽ آسٽريليا کي يورپ سان ملائي ٿو، هن چيو ته بح?? هند جو خطو سياسي ۽ معاشي لحاظ کان انتهائي اهميت اختيار ڪري چڪو آهي، هي نه رڳو وچ ايشيائي، ڏکڻ ايشيا، آفريقا جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو آهي پر دنيا ۾ تيل ۽ گئس جي 30 سيڪڙو ذخيرا ان خطي ۾ موجود آهن، عالمي واپار جو وڏو حصو بح?? هند کان ويندو آهي
هندي سمنڊ ۾ ايٽمي هٿيارن جي تنصيب ۽ عسڪري سرگرمين سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي سنگين خطرا لاحق آهن: سرتاج عزيز
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha