اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته بنيادي ڍانچي، توانائي ۽ مواصلات جي اهم منصوبن تي ٻ??ل پاڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪستان کي علائقائي مينوفيڪچرنگ محور بڻائيندو ۽ اها سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري جي لاءِ تمام پرڪشش مارڪيٽ هوندي. هن اها ڳالهه ترڪيءَ جي ڪي او سي گورپ جي صدر فتح ڪمال ابي??ي اولو سان ڳالهائيندي چئي جنهن پنهنجي وفد سان گڏ وزيراعظم ه??ئوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي صورتحال لاڳيتو بهتر ٿي رهي آهي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري سان گذريل ٽن سالن ۾ سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ پرڪشش هنڌ طو?? پاڪستان جي پوزيشن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل