بيروت _ 29 ج??لا??ِ (اي پي پي) آمريڪا سميت نيٽو جي ڪيترن ميمبر ملڪن لبنان ۾ موجود پنهنجن شهرين کي چيو آه?? ته اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ امڪاني طور تي ڀرپور جنگ کي نظر ۾ رکندي فوري طورتي ملڪ ڇڏي ڏين. ڇنڇر تي اسرائيل جي قبضي هيٺ گولان جي جبلن واري شهر مجدان شمس ۾ راڪيٽ حملي ۾ 12 ماڻهن مارجي وڃڻ بعد خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو آه??. اسرائيلي ڊيفنس فورسز دعوى ڪئي آه?? ته اهو ايراني ساخت جو ميزائل هو جنهن کي حزب الله ڏکڻ لبنان مان فائر ڪيو هو پر حزب الله ان حملي ۾ ملوث ٿيڻ کان انڪار ڪيو. بيروت ۾ آمريڪي سفارتخاني طرفان جاري ايڊوائزري ۾ آمريڪي شهرين تي زور ڏنو ويو آه?? ته هو لبنان جي سفر تي سختي سان نظر ثاني ڪن ڇو جو ملڪ ۾ سيڪيور??ي صورتحال خراب ٿي وئي آه?? ۽ تيزي سان تبديل ٿي سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت