برسلز-18 جنوري (اي پي پي) يو??پي پارلياماني نمائندن اسرائيل تي فسلطينين جي نسل ڪشي جو الزام لڳائيندڙ ملڪ ڏکڻ آفريقا جي حمايت جو مطالبو ڪيو آهي. ٽي آر ٽي ??وجب يو??پي پارليامينٽ جي جنرل اسيمبلي ۾ غزه جي حوالي سا?? خصوصي ويهڪ دوران يو??پي يونين سا?? ڏکڻ آفريقا طرفان انصاف جي عالمي عدالت ۾ اسرائيل خلاف داخل ڪيل نسلي ڪشي جي ڪيس جي حمايت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. آئرش پارلياماني ميمبر ڪليئر ڊيلي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اسرائيلي حڪومت کي غزه ۾ هزارين شهرين کي شهيد ڪرڻ ۽ مسلسل بمباري باوجود اسرائيلي عوام آڏو ناڪامي ٿي آهي ۽ هن علائقي جهڙپن لاءِ چڙ ڏياريندڙ قدمن جو سهارو ورتو آهي. هن چيو ته يو??پي عوام فلسطين ۽ ڏکڻ آفريقا سا?? گڏ بيٺل آهي. گرين گروپ جي ميمبر سياران ڪوفي به ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ سندس حڪومت کي عالمي قانون جي خلاف ورزين جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. فن لينڊ جي ميمبر چيو ته يو??پي يونين کي ڏکڻ آفريقا طرفان عدالت ۾ داخل ڪيس جي حمايت ڪرڻ گهرجي. فرانس جي ميمبر به چيو ته اسان کي ڏکڻ آفريقا جي حمايت ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هن عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي. اسان کي اسرائيل سا?? حصيداري جي معاهدي کي به معطل ڪرڻ گهرجي ۽ اسرائيل کي پنهنجي هٿيارن جي روانگي واپار کي روڪڻ گهرجي. اسان کي ڏ??هن ۾ ملوث هج?? جي عمل کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
اسرائيل علائقي جهڙپن لاءِ چڙ ڏياريندڙ قدمن جو سهارو ورتو، يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن جي اسرائيل خلاف ڏکڻ آفريقا جي ڪوششن جي حمايت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی