اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ سان گڏوگڏ معاشي استحڪام جي لاءِ هڪ ٺوس پاليسي جوڙي وئي آهي جنهن تي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت پوري طرح عمل ڪري رهي آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي جنهن کي مال??ات?? مسئلا درپيش آهن ۽ مڪمل لاڪ ڊائون کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ملڪي معيشت تي نقصانڪار اثر پئجي سگهن ٿا. هن چيو ته ڪوويڊ 19 هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ وزيراعظم عمران خان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي پالسي کي دنيا ساراهيو آهي. هن چيو ته جاري عالمي وبا دوران وزيراعظم ولولي انگيز قائداڻي صلاحيتن جو م??اهرو ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته مڪمل لاڪ ڊائون جو ڪو بحث نه آهي ڇو ته موذي وائرس جي اهڙي صورتحال نه آهي.
ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان هڪ ٺوس پاليسي جوڙي وئي آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ