راولپنڊي-29 نومبر (اي پي پي) آر??ي چيف ??نرل سيد عاصم منير نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر (اين سي ٽي سي) پبي جو دؤرو ڪيو. آر??ي چيف پاڪ فوج ۽ چين جي پيپلز لبريشن آرمي وچ ۾ ٿيل گڏيل مشق واريئر-8 جي شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ??ئي. آءِ ايس پي آر موجب آر??ي چيف کي مشق جي دائره ڪار ۽ ان جي تفصيلن تي بريفنگ ڏني وئي. آر??ي چيف مشق ۾ شريڪ جوانن سان ڳالهايو ۽ پيشيوراڻي مهارت ۽ بلند حوصلي جي تعريف ڪئي جيڪي گڏيل مشق دوران ڏيکاريون پئي ويون. پاڪ- چين گڏيل مشق واريئر-8 جي شروعات 19 نومبر 2024ع کان ٿي آهي. دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ 3 هفتا ڊگهي اها مشق، سالياني بنيادن تي ٿيل سلسلي جي اٺين مشق آهي. اين سي ٽي سي پبي پهچڻ تي آر??ي چيف ??و استقبال ڪور ڪمانڊر راولپنڊي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔