باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گ??يش??ئرز جي تحفظ جي لاءِ سنجيده، ٺـوس ۽ موثر قدمن جي ضرورت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته انسانيت جي بقاءَ گ??يش??ئرز جي تحفظ سان مشروط آهي، گ??يش??ئرز پاڻي جو وڏو ذريعو آهي، گ??يش??ئرز جي وڌيڪ پگهڙڻ جي روڪٿام جي لاءِ ٺوس ڪوششون ۽ علائقائ?? تعاون جي تمام گهڻي اهميت آهي، پائيدار بنيادن تي گ??يش??ئرز جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڊيٽا شيئرنگ ۽ مع??اري مانيٽرنگ جي لاءِ ملڪن جي صلاحيت کي مستحڪم بڻائڻو پوندو، پاڪستان ان ڏس ۾ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. تاجڪستان جي ميزباني ۾ گ??يش??ئرز جي تحفظ بابت قدمن جي لاءِ اعليٰ سطحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته تاجڪستان جي صدر پاران ان اهم اجلاس جي انعقاد جي آجيان ڪريون ٿا جنهن ۾ شريڪ وفد دنيا خاص طور تي هن خطي ۾ تيزي سان پگهڙجندڙ گ??يش??ئرز جي خاتمي لاءِ پنهنجو موثر حصو وجهي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته گ??يش??ئرز جي تحفظ جي عالمي سال جي موقعي تي هڪ واضح پيغام وڃڻ گهرجي ته گ??يش??ئرز جي منتقلي بدران ان جي پگهڙڻ کي گهٽ ڪرڻ، وائٽل ايڪو سسٽم جي تحفظ ۽ مستقبل جي لاءِ پاڻي وسيلن کي محفوظ بڻائڻو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان وڏي پئماني تي گ??يش??ئرز جو گهر آهي، انهن وسيع ذخيرن جي نقصانن جي روڪٿام اسان جي لاءِ لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته گ??يش??ئرز سڄي دنيا جي ڪروڙين انسانن جي لاءِ لائيف لائين آهن، انهن گ??يش??ئرز سان دنيا کي 70 سيڪڙو تازو پاڻي ملي ٿو، پاڪستان ۾ 7 هزار کان وڌيڪ گ??يش??ئرز موجود آهن جنهن مان سنڌو درياءَ جو 60 کان 80 سيڪڙو پاڻي دستياب هوندو اهي ۽ پاڪستان جي زراعت جو 90 سيڪڙو پاڻي هتي ميسر اچي ٿو ۽ 20 ڪروڙ عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي، 1960ع جي مقابلي ۾ گ??يش??ئرز ۾ 23 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، ان جي نتيجي ۾ گرمي پد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، تيزي سان پگهڙجندڙ انهن گ??يش??ئرز سان پاڪستان جي ا??رئ??ن علائقن ۾ ٽي هزار کان وڌيڪ ڍنڍون وجود ۾ اچي چڪيون آهن، انهن مان 33 کان ٻوڏ جو شديد خطرو آهي جنهن سان وڏي انگ ۾ زندگين کي خطرو آهي، اها هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي ۽ فوري ڪارروائي جي گهرجائو آهي. هن چيو ته ”گ??يش??ئرز 2025ع: قدم“ ان بحران طرف عالمي ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ هڪ منفرد ڪوشش آهي، گ??يش??ئرز جي وڌيڪ پگهڙڻ جي روڪٿام جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته انهن لائيف سورسز کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ علائقائ?? تعاون اهم آهي ۽ انهن ذريعن کي برف جي پگهڙڻ کان روڪڻ تمام ضروري اهي، ان حوالي سان ڊيٽا شيئرنگ ۽ گ??يش??ئرز جي مع??اري مانيٽرنگ جي لاءِ ملڪن جي صلاحيت کي مستحڪم بڻائڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي گ??يش??ئرز مانيٽرنگ پروگرام، ارلي وارننگ سسٽم، پاڻي جي ذخيري ڪرڻ جي متبادل حل سميت ٻين قدمن جي لاءِ گهربل امداد ۾ اضافي جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان انهن قدرتي وسيلن جي تحفظ جي لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، گ??يش??ئرز، ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن ۽ دُنيا جي مستقبل جي تحفظ جي لاءِ سمورن ملڪن کي متحد ٿي ٺوس قدم کڻڻا پوندا.
انسانيت جي بقاءَ گليشيئرز جي تحفظ سان مشروط آهي، گليشيئرز پاڻي جو وڏو ذريعو آهي، گليشيئرز جي وڌيڪ پگهڙڻ جي روڪٿام جي لاءِ ٺوس ڪوششون ۽ علائقائي تعاون جي تمام گهڻي اهميت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر