اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) توا??ائ?? (پاور ڊويزن) واري وفاقي وزير سردار اويس احمد لغاري چيو آهي ته توا??ائ?? جي شعبي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، 20 نڪاتي سڌارن جي شروعات وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ ٿ?? چڪي آهي. ڪالهه وزيراعظم جي توا??ائ?? بابت خاص مددگار محمد علي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته توا??ائ?? جو شعبو معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ان لاءِ هن شعبي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، وزيراعظم جي ويزن تحت سمورن وزارتن کي گڏجي سڌارن تي عملدرآمد ڪرڻو آهي. وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته وزيراعظم جي حڪمن موجب توا??ائ?? جي شعبي تي نيشنل ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي، پاور سيڪٽر سان ڳنڍيل سمورا ادارا ٽاسڪ فورس ۾ شامل آهن، نيشنل ٽاسڪ فورس توا??ائ?? جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سمورن رخن جو جائزو وٺندي ۽ اسان پاڪستان کي توا??ائ?? جو هڪ صحتم??د شعبو ڏينداسين. وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته جيترو جلدي سان شيون ٺيڪ ڪنداسين اوتري جلدي معيشت بهتر رخن تي اي??دي. وزيراعظم جي خاص مددگار محمد علي چيو ته اسان آءِ پي پيز ۽ پيداواري لاڳت بابت مسئلا ڏسي رهيا آهيون، هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته بجلي جي پيداواري لاڳت ۽ قيمتن ۾ گهٽتائي ڪيئن ڪري سگهجي ۽ ڪيئن حڪومت صارفين تي بار گهٽ ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته ٽاسڪ فورس جو اجلاس روزاني جي بنياد تي ٿيندو جنهن جي اڳڀرائي کان عوام کي آگاهه ڪيو ويندو.
توانائي جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ نيشنل ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي: وفاقي وزير اويس لغاري
مضمون کا ماخذ : quina acumulada