اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي جي دعوت تي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جو عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جن??ل خسرو نوزيري پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. ??ن چيو ??ه اقتصادي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جن??ل وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ واپار واري وزير سان ملاقاتن ۾ پنهنجي دور ۾ کنيل قدمن ۽ سرگرمين سان گڏوگڏ تنظيم جي بحالي جي لاءِ پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊا بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. سيڪريٽري جن??ل نوزيري 24 کان 26 جولاءِ تائين پنهنجي پاڪستان جي الوداعي دوري تي آهي، هو ايندڙ مهيني پنهنجو مدو پورو ڪري رهيو ??هي. ترجمان چيو ??ه ايندڙ مهيني کان پاڪستان جو اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري ??اڪٽر اسد مجيد خان ٽن سالن جي مدي لاءِ اي سي او جي سيڪريٽري جن??ل جو عهدو سنڀاليندو، سندس مقر??ي جي وزيرن واري ??ائونسل منظوري ??ني آهي ۽ ان جو نوٽيفڪيشن هن سال مئي ۾ جاري ??يو ويو هو.
اي سي او جو عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔