بيجنگ – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڙيسري ملڪ سان لاڳاپا وڌائڻ، ترقي جي ??مل کي تيز ڪرڻ ۽ چين پاڪستان اقتصادي راهداري کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ نين ٽيڪنالوجيز ۾ سهڪار وڌائڻ جي ??لسلي ۾ اڱاري کان چين جو پنجن ڏينهن جو دورو شروع ڪيو آهي. چيني ماهرن موجب وزيراعظم جو مارچ ۾ پنهنجو ٻيو مدو سنڀالڻ کان پوءِ چين جو اهو پهريون دورو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل اعتماد سميت سي پيڪ منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سهڪار کي هٿي ملندي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي چين جي ??وري کان اڳ اسلام آباد ?? چيني ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته اسان پنهنجي ??وستي کي هماليه کان گهڻو اوچو ۽ دنيا جي ??ونهي سمنڊ کان اونهو بنائڻ لاءِ سنجيده منصوبا آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته ”دوري ذريعي، پاڪستان ٻنهي ملڪن ۾ ڪاروباري ادارن وچ ۾ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ، گڏيل رٿائن، صنعتن ۽ ٽيڪنالوجيز جي منتقلي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ هڪ اپ گريڊيڊ سي پيڪ جي ??عمير کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مينيوفيڪچرنگ پيداوار کي وڌائڻ لاءِ خاص اقتصادي زون ۽ پاڪستان جي ليبر فائدن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ??ميد رکي ٿو.“. چيني پرڏيهي وزارت جي ??علان مطابق وزيراعظم جو چين جو سرڪاري دورو اڱاري کان ڇنڇر تائين جاري رهندو. سنگهوا يونيورسٽي جي نيشنل اسٽريٽجي ??نسٽيٽيوٽ ۾ ريسرچ ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر ڪيان فينگ اڱاري ڏينهن گلوبل ٽائمز کي ٻڌايو ته مارچ ۾ وزيراعظم طور محمد شهباز شريف پاران پنهنجي ٻئي مدي شروع ڪرڻ بعد اهو سندس چين جو پهريون دورو آهي ۽ چين ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط ناتن کي وڌائڻ شهباز شريف جي ??يجنڊا ۾ سرفهرست آهي. ڪيان چيو ته سي پيڪ جي ??رقي کي وڌائڻ ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالوجيز، اي ڪامر?? ۽ ??احولياتي زراعت جهڙن نون شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار کي وسعت ڏيڻ دوري جو محور هوندو. بيجنگ ۾ قائم چائنا انٽرنيشنل پريس ڪميونيڪيشن سينٽر سان لاڳاپيل محقق ۽ پاڪستان جي ??ياسي تجزيه نگار محمد ضمير اسدي گلوبل ٽائمز کي ٻڌايو. ته وزيراعظم شهباز شريف جو وفاقي ڪابينا ۽ هڪ وڏي ڪاروباري وفد سان گڏ چين جي ??وري عالمي برادري جو ڌيان ڇڪائي ورتو آهي ڇو ته اهو ٻطرفن ناتن کي هڪ نئين اوچائي تائين پهچائڻ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ سي پيڪ جي نمايان ڪاميابين جي ??نياد تي ٻنهي ڌرين لاءِ منصوبي جي ٻئين مرحلي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٺوس بنياد فراهم ڪندو جنهن سان پاڪستان لاءِ تمام گهڻن اقتصادي فائدن جي ??وقع آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته دهشتگردي سان مقابلي ۽ سي پيڪ جي ??يڪيورٽي به وزيراعظم شهباز شريف جي موجوده دوري جو بنيادي محور آهي. لينزو يونيورسٽي ۾ بيلٽ اينڊ روڊ جي ??يسرچ سينٽر جي ??يگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر زو يونگ بيائو گلوبل ٽائمز کي ٻڌايو ته دورو سيڪيورٽي جهڙن چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد کي وڌائڻ جو ڪم ڪندو. هن چيو ته اهو دورو چين ۽ پاڪستان کي نئين سيڪيورٽي تصور تحت تعاون جي نون ماڊلز کي سگهه ڏيڻ ۽ سي پيڪ لاءِ مضبوط تعاون فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل اعتماد سميت سي پيڪ منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سهڪار کي هٿي ملندي: ماهر
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری